اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته ناڪامي کان ڊڄندڙ ڪڏهن به فتح ناهن ماڻيندا، نوجوان اسان جو مستقبل آهن، الله تعاليٰ اسان کي هر قسم جي وسيلن، موسمن ۽ نعمتن سان نوازيو آهي، اسان کي ٻين جي ڪاپي ڪرڻ بدران پنهنجو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي، سياحت جي شعبي مان اڃا تائين پوري طرح فائدو ناهي ک??يو ويو، ان ۾ تمام گهڻا موقعا موجود آهن، پاڪستان سياحت جي فروغ سان تمام گهڻو پئسو ڪمائي سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان آءِ ايس پي آر کي اهو فيسٽيول منعقد ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪندي ??يو ته اها هڪ نئين شروعات آهي، ??تي نوجوانن جي ٺاهيل مختصر وقت جون فلمون ڏسي خوشي ٿي، ??اڻي اسان صحيح رستي تي هلي پيا آهيون. هن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فو??د حسين کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ ??يو ته هو نئين سوچ کڻي آيو آهي. هن اسڪالرشپ حاصل ڪندڙ نوجوانن کي مبارڪباد ڏيندي ??يو ته مختصر وقت جي فلمن جي ترقي جي لاءِ نوجوانن کي وظيفا ڏنا ويندا. وزيراعظم ??يو ته مون پاڪستان فلم انڊسٽري جو ارتقاء ڏٺو آهي، اسان غلط رستي تي وڃڻ شروع ٿي ويا هئاسين ۽ پنهنجي سوچ ۽ ڪلچر کي اجاگر ڪرڻ بدران ڀارت جي نقل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي هئي. ان جي ابتڙ پاڪستان ٽيليويزن بهترين ڊراما تيار ڪيا ۽ پنهنجي ڪلچر جي عڪاسي ڪئي جنهن جي ڪري پي ٽي وي جا ڊراما تمام گهڻا مقبول ٿيا. وزيراعظم ??يو ته دنيا ۾ نقل جي ڪا قيمت نه آهي، اهميت رڳو اصل جي ئي هوندي آهي. اها ئي پينٽنگ مهانگي وڪرو ٿيندي آهي جيڪا اصل هجي.
متعلقہ مضامین
-
Sindh govt relaxes age curbs for govt jobs
-
PM announces comprehensive plan to lower electricity costs
-
Saudi citizens can now visit Pakistan without visa
-
Leaked document alleges RAW plot behind Pahalgam false flag operation
-
Two children drown while bathing in Mehar canal
-
Dragon Tiger Official Entertainment Link Ka Mukammal Jaiza
-
Salmaan Taseer: The outspoken defender of minorities
-
China to establish Study Centre at UoP
-
Indian atrocities in Kashmir, aggression at LoC discussed in parliament
-
SALU delays results of seven law colleges
-
COAS in Saudi Arabia on first foreign visit
-
COAS confirms death sentence for eight hardcore terrorists