اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان هر فورم تي ڪشميرين جي سچي وڪيل ۽ دلير سفير جو حق ادا ڪيو، مودي جا 5 آگسٽ 2019ع جا قدم مذمت جوڳا آهن جنهن ۾ ڪشمير جي حيثيت جو خاتمو ڪري لاڪ ڊائون لڳائي 80 لک ڪشميرين کي والاريل وادي ۾ بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان کانپوءِ ڪ??رو??ا وائرس جي وبا جي دوران به وڌيڪ سختيون ڪيون ويون، ڪشميرين کي ظلمن جو نشانو بڻائي انساني حقن جون خلاف ورزيون ڪيون ويون. اهي سمورا ??دم مذمت جوڳا آهن جنهن کي پاڪستان پوري دنيا ۾ بي نقاب ڪيو. استحصال ڪشمير ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان هر پليٽ فارم تي ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪيو ۽ ڪشمير ۾ مودي جا ظلم ۽ ستم دنيا جي سامهون رکيا. چاهي اهو گڏيل قومن جو فورم هجي يا او آءِ سي هجي يا چاهي اها ان وقت ج?? آمريڪي صدر ٽرمپ سان ملاقات هجي، وزيراعظم عمران خان هر سطح تي ڪشميرين جي سچي وڪيل ۽ دلير سفير هجڻ جو حق ادا ڪيو. ڀارت جي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميرين جي آزادي جي لاءِ پرامن جدوجهد آهي، حريت اڳواڻن جون بي پناهه قربانيون آهن، برهان واني جهڙن ڪشمير جي شهيدن ڪشمير جي آزادي لاءِ پنهنجي جانين جون قربانيون ڏنيون ۽ حريت اڳواڻن تڪليفون برداشت ڪيون آهن، هن چيو ته هزارين ڪشميرين پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن، ڪشميرين جي پرامن حمايت جاري رکنداسين ۽ اسان جو اهو دنيا کان مطالبو آهي ته هو مودي جي آر ايس ايس جي انتهاپسنداڻي سوچ جي کلي مذمت ڪري ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. پاڪستان به هر سطح تي ڪشميرين جي لاءِ آواز بلند ڪندو رهندو، جيستائين ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن کي واپس نٿو وٺي تيستائين مودي سرڪار سان ڪنهن به قسم جي ڪا به ڳالهه ٻولهه نٿي ٿي سگهي.
متعلقہ مضامین
-
Sindh govt relaxes age curbs for govt jobs
-
PM announces comprehensive plan to lower electricity costs
-
Saudi citizens can now visit Pakistan without visa
-
Leaked document alleges RAW plot behind Pahalgam false flag operation
-
Two children drown while bathing in Mehar canal
-
Dragon Tiger Official Entertainment Link Ka Mukammal Jaiza
-
Salmaan Taseer: The outspoken defender of minorities
-
China to establish Study Centre at UoP
-
Indian atrocities in Kashmir, aggression at LoC discussed in parliament
-
SALU delays results of seven law colleges
-
COAS in Saudi Arabia on first foreign visit
-
COAS confirms death sentence for eight hardcore terrorists