اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ مسيحي برادري جي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان جي قيام جو وڏو مقصد اقليتن جي حقن جو تحفظ هو، قائداعطم محمد علي جناح 11 آگسٽ 1947ع تي آئين ساز اسيمبلي کي خطاب ۾ واضح ڪيو هو ته پاڪستان جي رياست ۾ اقليتن جي حقن کي مڪمل تحفظ حاصل هوندو. اي پي پي جي اهتمام هيٺ ڪرسمس جي تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪرسمس جي دلچسپ ۽ زبردست تاريخ آهي، هر نئين صدي ۾ ڪرسمس ۾ نوان رنگ ڀرجندا ويا، ڪرسمس کي سدائين خوشين جو ڏڻ تصور ڪيو ويندو آهي، هن چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ مسيحي برادري جو اهم ڪردار آهي، پاڪستان جي مستقبل ۾ اقليتن جي ڪردار کي وڌيڪ ساراهيو ويندو، هن چيو ته اهڙي طرح جي تقريبن جو انعقاد ان لاءِ به ضروري آهي ته ماڻهن کي ٻڌائي سگهجي ته رياست ۾ سڀني اقليتن ??ا ماڻهو شامل آهن. اطلاعات واري وزير اطلاعات واري وزارت ۽ اي پي پي ۾ ڪرسمس جي تقريب جي انعقاد کي ساراهيندي مسيحي برادري کي ڪرسمس جي خوشين جي مبارڪباد پيش ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير ڪرسمس جو ڪيڪ ڪٽيو ۽ مسيحي ملازمن ۾ سوويئنرز به ورهايا، تقريب ۾ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، اي پي پي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر مبشر حسين، انفارميشن سروس اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر جنرل سيد جاويد، اي پي پي جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر عديله رباب، مسيحي ملازمن ۽ سندن گهرڀاتين سميت ٻيا به موجود هئا.
متعلقہ مضامین
-
Sindh govt relaxes age curbs for govt jobs
-
PM announces comprehensive plan to lower electricity costs
-
Saudi citizens can now visit Pakistan without visa
-
Leaked document alleges RAW plot behind Pahalgam false flag operation
-
Two children drown while bathing in Mehar canal
-
Dragon Tiger Official Entertainment Link Ka Mukammal Jaiza
-
Salmaan Taseer: The outspoken defender of minorities
-
China to establish Study Centre at UoP
-
Indian atrocities in Kashmir, aggression at LoC discussed in parliament
-
SALU delays results of seven law colleges
-
COAS in Saudi Arabia on first foreign visit
-
COAS confirms death sentence for eight hardcore terrorists