اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) ناڻي ۽ مح??ول واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو ??هي ته سمورين مشڪلاتن باوجود پا??ستان جو مستقبل روشن آهي، جهڙي طرح سينيٽ جي گولڊن جوبلي جي تقريبن جي ٽن ڏينهن ۾ هتي امن، نظم ۽ ضبط ۽ هڪٻئي جو احترام ۽ برداشت جو ڪلچر ڏٺو الله ڪري اهو سلسلو سدائين برقرار رهي. سينيٽ آف پا??ستان جي گولڊن جوبلي جون تقريبون منعقد ڪرڻ تي سينيٽ چيئرمين کي مبارڪون ڏيندي ه?? چيو ته اسان کي پنهنجي وڏڙن طرفان ڌار ملڪ قائم ڪرڻ جي مقصدن کي نظر ۾ رکڻو پوندو، هن ٽن ڏينهن وارين تقريبن دوران امن، ڊسيپلين ۽ برداشت کانسواءِ هڪٻئي جو احترام ڏٺو، هي ڪنهن به مهذب پارليامينٽ ۽ جمهوري نظام جو بنياد آهي، منهنجي دعا ??هي ته هي ماحول جيڪو هتي نظر آيو اهو سدائين قائم ۽ دائم رهي. ه?? چيو ته سينيٽ آف پا??ستان عالمي معيارن موجب پنهنجو پا?? کي تبديل ڪري رهيو آهي، رابطا ۽ شفافيت پارليامينٽ لاءِ اهميت رکندڙ آهن، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته انتظامي ۽ پاليسي قدمن سان وفاق، جمهوريت ۽ گورننس مضبوط ٿيندي، سينيٽ جي ڪارروائي ۾ عوامي شرڪت بهترين قدم آهي، ان سان عوام جو پارلياماني جمهوريت تي اعتماد بحال ٿيندو. ه?? چيو ته هي جمهوريت، پارليامينٽ، قانونسازن ۽ پا??ستان جي عوام لاءِ وقت ??هي ان سان گڏوگڏ هي وفاق ۽ وفاقي ٿنڀن جو وقت آهي، ه?? چيو ته 50 سال اڳ هن سينيٽ جو قيام پا??ستان جي تاريخ ۾ هڪ نئون باب ??هي ۽ ان سان وفاق پا??ستان کي استحڪام مليو، ه?? چيو ته موجوده چيئرمين سان گڏوگڏ اڳوڻي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين کي به مبارڪون ڏيون ٿا جنهن وفاق کي درپيش مسئلن جو هتي ذڪر ڪيو. ه?? چيو ته چئلينجن جي باوجود هڪ روشن مستقبل پنهنجي سامهون نظر اچي رهيو آهي، پنهنجي مح??وب وطن ۽ پنهنجي عوام لاءِ روشن مستقبل نظر اچي رهيو آهي، ڪلمي جي بنياد تي حاصل ٿيل ملڪ کي الله هر طرح جي خطرن کان محفوظ رکي.
متعلقہ مضامین
-
Devastating floods wreck Punjab’s agricultural economy
-
Mobile, data services restored in Quetta on court’s order: PTA
-
PTCL Introduces Industry-First WhatsApp-Based Bill Payment Solution in Pakistan
-
A minute’s silence observed to mark Kashmir Solidarity Day
-
Mari petroleum boosts Pakistan’s energy with third oil and gas find
-
Khairpur Police crack down on journalist’s murder, arrest 5 suspects
-
Four terrorists killed in joint IBO in Swat
-
Pakistan, India NSAs made contact after missile attacks
-
Pakistan, Saudi Arabia reaffirm commitment to boosting bilateral ties
-
SBO اسپورٹس آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ
-
دلچسپ جنگل سرکاری تفریحی ایپ
-
کارنیول پارٹی کی آفیشل تفریحی ویب سائٹ